”فوجي ملڪيتن تي حملي جو ٽرائل به فوجي عدالتن ۾ ٿيندو، پي ٽي آءِ معاملو تڪراري نه بڻائي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته فوجي ملڪيتن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل به فوجي عدالتن ئي ٿيندو، تحريڪ انصاف سياست نه ڪري ۽ معاملي کي تڪراري نه بڻائي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انتشار ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪري رهي آهي ۽ ان معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اها ڳالهه واضح آهي ته فوجي عدالت ٽرائل رڳو ان وقت ئي ڪندي آهي، جڏهن دفاعي اداري تي حملو ٿئي.
هن چيو جڏهن توهان فوجي اثاثن تي حملو ڪيو ته ملٽري ٽرائل لاڳو ٿيندو آهي، فوجي عدالتن جي ڪارروائي عالمي قانون جي گهرجن موجب آهي، ان تي انٽرنيشنل پارٽنرز کي اعتماد ۾ وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.