اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀني اقليتن کي هر قسم جي آزادي حاصل آهي.
ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي برادري کي مبارڪباد ڏيندي محسن نقوي چيو ته هي تهوار محبت، ڀائيچاري ۽ امن جي علامت آهي، عيسائي برادري جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اڄوڪو ڏينهن انسانيت جي احترام جو پيغام به ڏئي ٿو.
هن چيو ته قائداعظم قومي پرچم ۾ اڇو رنگ اقليتن لاءِ رکيو، اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جو فرض آهي، پاڪستان ۾ سڀني اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ضامن آهي.
Next Post
You might also like