ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا سني ليون جي نالي تي ڀارتي شهري سرڪاري اسڪيم مان پئسا وٺندو رهيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي بستر ۾ شادي شده عورتن جي مالي مدد جي سرڪاري اسڪيم ۾ اداڪارا سني ليون جو نالو به سامهون آيو آهي.
ضلعي انتظاميا کي بالي ووڊ اداڪارا جو نالو استعمال جو پتو هڪ درخواست ملڻ کانپوءِ پيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري اسڪيم ۾ سني ليون کي جوني سنز جي زال قرار ڏنو ويو ۽ جعلسازي ذريعي مقامي شهري پئسا هڙپ ڪندو رهيو.
رپورٽس موجب، ان اسڪيم تحت هر مهيني عورتن جي اڪائونٽ ۾ هڪ هزار ڀارتي رپيا ٽرانسفر ڪيا ويندا آهن ۽ سني ليون جي نالي سان کوليل اڪائونٽ ۾ هلندڙ سال مارچ کان ڊسمبر تائين پئسا منتقل ٿيا.
رپورٽس موجب، اداڪارا جي نالي تي دستاويز جمع ڪرائيدڙ شهري جي سڃاڻپ وريندر جوشي طور ٿي آهي، ضلعي ڪليڪٽر ذميوارن خلاف اڪائونٽ منجمد ڪرڻ، ريڪوري ۽ ٺڳي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
You might also like