آرمي چيف چرچ پهچائي عيسائي برادري سان ڪرسمس ڏهاڙو ملهايو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪرسمس جي موقعي تي راولپنڊي جي سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل جو دورو ڪيو ۽ اقليت کي قومي فخر ۽ قوت جو ذريعو قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير عيسائي برادري سان گڏ ڪرسمس جون خوشيون ملهايون.
هن عيسائي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪرسمس اسان کي همدردي، سخاوت ۽ خير سگالي جي اصولن جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي اسان جي قوم کي جوڙڻ جا بنياد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.