ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سمنڊ اندر انٽرنيٽ ڪيبل کي پاڪستان سان جوڙڻ جو ڪم جاري آهي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب پهرئين مرحلي ۾ ڪيبل جو پي ايل ايس اي ڪراچي هاڪس بي تي لاٿو ويو آهي.
پي ٽي اي موجب ٻئي مرحلي ۾ اونهي سمنڊ ۾ ڪيبل وڇائڻ جو عمل اپريل 2025 کان شروع ٿيندو، ڪيبل 2 آفريقا سان پاڪستان کي 24 ٽيرا بائيٽس بينڊوٿ فراهم ٿيندي.
هن وقت پاڪستان کي 7 ڪيبلز کان تقريبان 8 ٽيرا بائيٽس بينڊوٿ دستياب آهي، جڏهن ته اها ڪيبل ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين 5G جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن جي صدر سجاد مصطفيٰ موجب اميد ته نئين ڪيبلز سان انٽرنيٽ جي مسئلي جو حل نڪري ايندو ۽ انٽرنيٽ اسپيڊ به وڌندي.
You might also like