ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سخت ٿڌ جي لهر جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب سيءُ وڌي ويو، جڏهن ته لاهور ۾ به ٿڌ وڌي وئي آهي.
مري ۾ برفباري کانپوءِ سيءُ وڌي ويو، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي.
موسميات کاتي هلندڙ سيزن ۾ برسات ۽ برفباري گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته جنوري جي ٻئي هفتي کان ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي به ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like