ڀارتي فلم پشپا ٽو سبب انتهائي گهربل گينگسٽر گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽر ۾ فلم ”پشپا 2“ جي نمائش دوران پوليس هڪ انتهائي گهربل گينگسٽر ۽ منشيات اسمگلر کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مهاراشٽر جي شهر ناگپور ۾ خميس جي ڏينهن فلم پشپا ٽو جي شو دوران انتهائي گهربل گينگسٽر ۽ منشيات اسمگلر وشال ميشرم کي گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار گرفتاري جي وقت فلم ڏسي رهيو هو. پوليس اوچتو ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو، جڏهن ته پوليس جي موجودگي باوجود فلم جاري رهي.
رپورٽن موجب، پوليس جوابدار جي چرپر کي ٽريس ڪيو. جڏهن هو فلم ڏسڻ آيو ته پوليس سندس گاڏي جا ٽائر پنڪچر ڪري ڇڏيا ۽ فلم جي ڪلائيمڪس دوران پوليس سينما هال ۾ داخل ٿي کيس گرفتار ڪيو.
رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته جوابدار 10 مهينن کان روپوش هو ۽ 27 ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن تي 2 قتل به شامل آهن.
ياد رهي ته ڀارتي تيلگو فلم انڊسٽري جي فلم پشپا ٽو 18 ڏينهن ۾ ڀارت سميت سڄي دنيا مان 1500 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري چڪي آهي، فلم ۾ الو ارجن ۽ راشميڪا مک ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.