ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار عمر عالم اُڏام دوران پنهنجي دوست کي شادي جي آڇ ڪري ساڻس مڱڻو ڪري ڇڏيو.
رئيليٽي شو ”تماشا“ جي پهرئين سيزن جي فاتح عمر عالم پنهنجي دوست کي اُڏام دوران پروپوز ڪيو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
اداڪار پاڻ به پنهنجي زندگي جي خاص لمحي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي.
ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته عمر عالم ڀريل جهاز ۾ پنهنجي محبوبه سان محبت جو اظهار ڪندي، خوبصورت ۽ رومانوي انداز ۾ منڊي پيش ڪئي ۽ شادي بابت پڇيو.
جواب ۾ سندس دوست ”ها“ ڪئي ۽ مُنڊي به پائي ڇڏي، جڏهن ته جهاز ۾ موجود مسافرن طرفان ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.
You might also like