ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ويمن اسپورٽس فورم (WSF) طرفان 22 ڊسمبر آچر ڏينهن ڪراچي جي علائقي لياري جي ڪڪري اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ”قائداعظم ليجسي فٽسال ٽورنامينٽ“ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي شهر مان نوجوان فيميل ايٿليٽس تي ٻڌل 15 ٽيمن حصو ورتو، ان جو مقصد عورتن ۾ مقابلي جو جوش، ٽيم ورڪ ۽ خود مختياري جو جذبو اجاڳر ڪرڻ هو.
ان ايونٽ ذريعي نارين کي پنهنجو ٽيلينٽ ۽ مهارت ڏيکارڻ جو موقعو مليو، ويمن اسپورٽس فورم طرفان اهو قدم راندين ۾ عورتن جي شرڪت کي هٿي ڏيڻ هو.
ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي يونائيٽيڊ جي ٽيم ٽرافي کٽي، جڏهن ته ڪراچي سٽي جي ٽيم رنر اپ رهي، فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرياڻين بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
ٽورنامينٽ جي بيسٽ پليئر جو ايوارڊ ڪراچي سٽي وائيٽ جي ايمن حاصل ڪيو، بيسٽ گول ڪيپر جو ايوارڊ فاطمه، ٽاپ اسڪورر عاليه (ڪراچي سٽي وائيٽ)، موسٽ پرومسنگ پليئر جو ايوارڊ ڪراچي يونائيٽيڊ جي سارا ماڻيو.
ويمن اسپورٽس فورم جي باني ورونهه پيرزادو چيو ته هيءَ ٽورنامينٽ اسان جي مشن جي عڪاسي آهي، اسان نوجوان ڇوڪرين کي اهڙا پليٽ فارم فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي اهي مضبوطيءَ سان مقابلو ڪري سگهن ۽ راندين ذريعي انهن جي اعتماد ۾ واڌ ٿئي.
ٽورنامينٽ جي پڄاڻي تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرياڻين، فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن کي اعزازن سان نوازيو ويو.
You might also like