اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪستاني شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا اهم دستاويز جاري ڪندي آهي، سوشل ميڊيا تي نادرا طرفان شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
نادرا طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بنا ضرورت فوٽو ڪاپي نه ڪرايو، رڳو اصلي دستاويز ڏيکاريو.
پيغام ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي جي آفيس ۾ NADRA طرفان جاري ڪيل دستاويز جهڙوڪ سڃاڻپ ڪارڊ، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۽ بي فارم وغيرا جي فوٽو ڪاپي گڏ آڻڻ جي ضرورت ناهي، صرف اصلي دستاويز يا ان تي موجود NADRA جو جاري ڪيل نمبر گڏ آڻڻ ڪافي آهي.
وڌيڪ ڄاڻ ۽ اپ ڊيٽس لاءِ نادرا جي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي فالو ڪيو.
You might also like