صائم جي صورت ۾ پاڪستان کي ٻيو سعيد انور ملي ويو؟

صائم ايوب جي زبردست بيٽنگ ۽ پاڪستاني بالرن جي شاندار فارم ۽ ڊسيپلن سبب پاڪستان ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي وائيٽ واش شڪست ڏني.
آچر ڏينهن جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني بيٽرن، خاص ڪري صائم ايوب، شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو.
سوشل ميڊيا تي رڳو صائم ايوب جا وڊيوز ۽ واکاڻ نظر اچي رهي آهي، صائم ايوب پنهنجي ڪيريئر جي نائين ون ڊي ميچ ۾ ٽِين سينچري اسڪور ڪئي ، جنهن ۾ ٻه هن ڏکڻ آفريڪا خلاف ٺاهيون آهن.
صائم ايوب، پنهنجي ساٿي عبدالله شفيق جي مسلسل ٽئين ڀيرو ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ باوجود، شاندار بيٽنگ جاري رکي ۽ ربادا جي خلاف شروعاتي مشڪلاتن باوجود جارحاڻي انداز اختيار ڪيو. سندس اننگز ۾ 13 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا.
صائم جي بابر اعظم سان سينچري ۽ محمد رضوان سان ففٽي جي ڀائيواري سان پاڪستان کي شاندار بنياد ملي، ۽ طيب طاهر ۽ سلمان علي آغا جي 74 رنسن جي پاٽنرشپ پاڪستان کي ٽي سئو رنسن جي پار پهچايو.
برسات سبب متاثر ٿيل ميچ ۾ پاڪستان مقرر 47 اوورن ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 309 رنسن جو هدف ڏنو، ڏکڻ آفريڪا 36 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ميچ ۾ صائم ايوب بهترين بالنگ پڻ ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا تي دٻاءُ برقرار رکيو. ڏکڻ آفريڪا جي طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر هينرڪ ڪلاسن 81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، پر پنهنجي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو.
پاڪستان طرفان بيٽنگ ۾ محمد رضوان 53، بابر اعظم 52، ۽ سلمان علي آغا 48 رنسن سان نمايان رهيا.
بولنگ ۾ سفيان مقيم 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر اهم موقعي تي هينرڪ ڪلاسن کي آئوٽ ڪري ميچ جو رخ تبديل ڪيو.
شاهين ۽ نسيم شاهه ٻه-ٻه جڏهن ته صائم ايوب ۽ محمد حسنين هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
سوشل ميڊيا تي صائم ايوب ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪاميابين جا چرچا آهن. ڪيترائي صارف صائم ايوب جي ڀيٽ ماضيءَ جي سُپر اسٽار اوپنر ۽ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان سعيد انور سان ڪري رهيا آهن، جنهن نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو ۽ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري.
هڪ واهپيدار لکيو، ”سعيد انور ٻڌو هو، صائم ايوب ڏٺو آهي.“
هڪ ٻئي صارف لکيو، ”ڇا اسان سڀ اتفاق ڪري سگهون ٿا ته اسان کي هڪ ٻيو سعيد انور ملي ويو آهي؟“
اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر آئن بشپ به ٽوئيٽ ڪئي ”صائم ايوب بيٽنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار رهيو ۽ بالنگ ۾ کيس لينٿ تي عبور حاصل آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.