نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪويت جو دورو ڪندڙ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي آچر ڏينهن ملڪ جي اعليٰ ترين اعزاز ”دي آرڊر آف مبارڪ الڪبير“ سان نوازيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو مودي کي ڏنو ويندڙ 20هون عالمي اعزاز آهي.
”دي آرڊر آف مبارڪ الڪبير“ ڪويت جو شاهي اعزاز آهي، جيڪو پرڏيهي ملڪي سربراهن، بادشاهن ۽ شاهي خاندان جي ميمبرن کي دوستي جي علامت طور ڏنو ويندو آهي.
اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ مودي ايڪس تي لکيو ته مون کي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح طرفان مبارڪ الڪبير سان نوازڻ تي فخر آهي، مان ان اعزاز کي ڀارت جي عوام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي نالي ڪيان ٿو.
You might also like