ملازمن سان ٺڳي، ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) پهرئين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم جي رڪن اڳوڻي اوپنر روبن اُٿپا جا فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روبن اُٿپا جا اي پي ايف او ( ايمپلائيزپروويڊنٽ فنڊ آرگنائزيشن) فراڊ ڪيس ۾ مبينا طور تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
ڪرڪيٽر تي الزام آهي ته هن هڪ ڪمپني جي انتظامي معاملن دوران ملازمن جي پگهارن مان ٽيويهه لک رپين جي رقم ڪاٽي پر اِها پروويڊنٽ فنڊ جي حصي ۾ لاڳاپيل کاتي ۾ جمع نه ڪرائي.
ڪرڪيٽر خلاف داخل ايف آءِ آر جي متن موجب، رهتون جمع نه ڪرائڻ سبب متاثر ملازمن جي پي ايف اڪائونٽن جي معاملن ۾ خلل پئجي رهيو آهي.
ڪرناٽڪ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روبن اُٿپا کي 27 ڊسمبر تائين گرفتاري ڪيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ چار ڊسمبر تي جاري ڪيا ويا پر ڪرڪيٽر پنهنجي رهائش گاهه تي موجود نه هو.
ڀارتي ميڊيا جي دعوي آهي ته اڳوڻو اوپنر ڪٽنب سوڌو گڏيل عرب رياستن ۾ موجود آهي.
ياد رهي ته روبن اُٿپا 46 ون ۽ 13 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي، هو 2007 ۾ ٿيل پهرئين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم جو به حصو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.