ڀارت جو آسڪر کٽڻ جو خواب ڀورا ڀورا، ”لاپتا ليڊيز“ کي فهرست مان نيڪالي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ سندس اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو جي فلم ” لاپتا ليڊيز “ فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ”آسڪرز“ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.
دي اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز 97 هين آسڪرز لاءِ 10 ڪيٽيگريز جون شارٽ لسٽون جاري ڪيون آهن.
جاري ڪيل شارٽ لسٽ ۾ بهترين پرڏيهي ٻوليءَ وارين فلمن جي ڪيٽيگري ۾ ” لاپتا ليڊيز “ شامل نه آهي.
ڀارتي اخبار دي انڊين ايڪسپريس موجب، فلم فيڊريشن آف انڊيا ( ايف ايف آءِ ) هلندڙ سال سپٽيمبر ۾ ” لاپتا ليڊيز “ کي آسڪرز لاءِ چونڊيو هو ۽ مختلف حقلن طرفان ايف ايف آءِ جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي.
ماڻهن کي اميد هئي ته آسڪرز جي بهترين پرڏيهي فلم واري ڪيٽيگري ۾ ڀارت طرفان فلم ” آل دي اميجن ايز لائيٽ “ اُماڻي ويندي.
ڀارتي فلم آل دي اميجن ايز لائيٽ کي گولڊن گلوبز لاءِ بهترين هدايتڪاري ۽ بهترين پرڏيهي فلم جي ڪيٽيگري ۾ نامزدگي ملي چڪي آهي، گولڊن گلوبز جو اعلان ڇهه جنوري تي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته آسڪرز لاءِ حتمي نامزدگين جو اعلان 17 جنوري تي ڪيو ويندو جڏهن ته آسڪرز جي تقريب ٽي مارچ تي ٿيندي.
آسڪرز ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ تي ڪجهه مبصرن طرفان ايف ايف آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڀارتي موسيقار ۽ گريمي ايوارڊ ماڻيندڙ رڪي ڪيج سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لاپتا ليڊيز هڪ سٺي فلم هئي پر ڀارت طرفان آسڪر لاءِ بهترين پرڏيهي فلم واري ڪيٽيگري لاءِ درست چونڊ نه هئي.
ڀارتي فلمساز هنسل مهتا به فلم فيڊريشن آف انڊيا تي ٺٺول ڪندي چيو ته فيڊريشن پراڻي روايت ورجائي، هر سال انهن جي فلمن جي چونڊ ” بي عيب “ هوندي آهي.
ياد رهي ته عامر خان جي پروڊڪشنز بئنر هيٺ ٺهيل فلم لاپتا ليڊيز جي هدايتڪاري سندس اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو انجام ڪئي هئي، هلندڙ سال پهرين مارچ تي رليز ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.