ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڀارت کان اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي حوالگي جو باضابطا طور مطالبو ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت موجب ڀارت کان شيخ حسينا جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شيخ حسينا واجد کي عدالتي ڪارروائي لاءِ حوالي ڪيو وڃي.
ان حوالي سان بنگلاديشي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڀارت کي شيخ حسينا جي حوالگي بابت زباني سفارتي پيغام موڪليو ويو آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش جي گهرو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانگير عالم چوڌري چيو هو ته بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ قيدي تبديل ڪرڻ جو معاهدو موجود آهي ۽ بنگلاديش قيدي تبديل ڪرڻ جي معاهدي تحت ڪم ڪندو.
هوڏانهن ڀارتي حڪومت بنگلاديش جي درخواست تي اڃا تائين ردعمل ناهي ڏنو.
You might also like