سال 2025 ۾ ڪيتريون موڪلون هونديون؟ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سال 2025 ۾ موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 هونديون، ايندڙ سال 17 عام موڪلون ۽ 23 اختياري موڪلون هونديون.
نوٽيفڪيشن موجب 5 فروري 2025 تي يوم ڪشمير جي عام موڪل هوندي، 23 مارچ 2025 تي يوم پاڪستان جي عام موڪل هوندي، پهرين مئي 2025 تي يوم مزدور جي عام موڪل هوندي، يوم تڪبير جي موقعي تي 28 مئي 2025 تي عام موڪل هوندي.
ان کانسواءِ 30، 31 مارچ ۽ پهرين اپريل 2025 تي عيدالفطر جون 3 موڪلون هونديون، 7 کان 9 جون 2025 تائين عيدالاضحيٰ جون 3 موڪلون هونديون، 5 ۽ 6 جولاءِ 2025 تي نائين ۽ ڏهين محرم جون موڪلون هونديون.
14 آگسٽ 2025 تي يوم آزادي جي عام موڪل هوندي، 5 يا 6 سيپٽمبر 2025 تي عيد ميلادالنبي صه جي عام موڪل هوندي، 9 نومبر 2025 تي يوم اقبال جي موڪل هوندي، 25 ڊسمبر 2025 تي يوم قائداعظم جي عام موڪل هوندي.
26 ڊسمبر 2025 تي عيسائي ملازمن لاءِ ڪرسمس کانپوءِ جي عام موڪل هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب سال 2025 لاءِ اسلامي موڪلون امڪاني تاريخن موجب مقرر ڪيون ويون آهن، چاند نظر اچڻ جي حساب سان موڪلن جو الگ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
سال 2025 ۾ پهرين جنوري، پهرين مارچ، پهرين جولاءِ تي بئنڪن جي موڪل هوندي، مسلمان سرڪاري ملازمن کي هڪ سال ۾ هڪ کان وڌيڪ آپشنل موڪل نه ملندي، غير مسلم سرڪاري ملازمن کي سال ۾ 3 کان وڌيڪ آپشنل موڪلون نه ملنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.