ڪراچي ( رپورٽر) ڊفينس فيز 8 مان اغوا ٿيل پيرسن بازياب، 2 جوابدار مارجي ويا ، ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا، هڪ شهري کي بازياب ڪرايو ويو.ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب مقابلي دوران 2 اغوا ڪندڙ فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويل جوابدارن وٽان هڪ گاڏي، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب اغوا ٿيل بزرگ نذير احمد کي گذريل ڏينهن خيابان اتحاد مان سندس گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، هنن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا کيس هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا،