ڪراچي ۾ روڊ حادثو،عورت فوت،بس کي باهه

ڪراچي ( رپورٽر)  عائشه منزل وٽ بس جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ عورت فوت، مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ڇڏي.  گذريل رات کان وٺي مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ هڪ عورت فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب عائشه منزل وٽ مسافر بس موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار عورت فوت جڏهن ته مڙس زخمي ٿي پيو.حادثي بعد بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن مسافر بس کي باهه ڏئي ڇڏي.پوليس موجب شيرشاهه گلبائي ويندڙ ٻن  ٽرالرن  ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين موجب هاڪس بي مشرف ڪالوني ۾ اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر سبب رڪشا ڪلٽي ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.