اسلام آباد(جاويد چوڌري)پي ٽي آءِ سياسي اسيرن جي آزادي ۽ 9مئي ۽ 24 نومبر واقعن تي جڊيشل ڪميشن جا مطالبا نظر جو دوکو آهن،پردي پٺيان پي ٽي آءِ پاران ٽي مطالبا رکيا ويندا،پهريون مطالبو اهو هوندو ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل نه ڪيو وڃي،هن خلاف ڪيس عام عدالتن ۾ هلايا وڃن،ٻيو مطالبو عمران خان جي آزادي ۽ هن خلاف وڌيڪ ڪيس نه بڻائڻ جو هوندو،بشريٰ بي بي خلاف ڪيس واپس ورتا وڃن،پي ٽي آءِ ضمانت ڏيندي ته بشريٰ بي بي ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندي،حڪومت پاران ڳالهين جي ڪميٽي ٺهڻ پي ٽي آءِ جي وڏي فتح آهي،حڪومت انهن سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي وئي آهي،جڏهن ته پي ٽي آءِ ڳالهين دوران حڪومت جو رويو ڏسي سول نافرماني تحريڪ جاري رکڻ يا ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي،لڳي ٿو شيخ وقاص اڪرم ۽ عمر ايوب ڳالهين جي ڪاميابي نٿا چاهين ان ڪري سول نافرماني جي تلوار هٽائڻ نٿا چاهين،جڏهن ته ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف کي انهن ماڻهن سان گڏ ويهڻو پئجي ويو جن کي اهي فارم 47 جي پيداوار ،چور،ڪرپٽ،ڌاڙيل ڪوٺي رهيا هئا،اسٽيبلشمينٽ بدران کين انهن ئي ماڻهن سان گڏ ويهڻو پئجي رهيو آهي،پي ٽي آءِ پراڻي پگهار تي واپس اچي وئي آهي،دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت اها آهي ته سياستدانن جون ڳالهيون سياستدانن سان ئي ٿينديون آهن،عمران خان کي ڀتين سان ٽڪر هڻي انهن ئي دروازن تي اچڻو پيو جن کي هن پاڻ بند ڪيو هو هاڻي عمران خان کي سنجيدگي سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ان سان ئي پاڪستان اڳتي وڌندو،کين ڳالهين جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي،معاملا خراب ٿيا ته عمران خان ڪڏهن به جيل مان ٻاهر نه اچي سگهندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 23 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو