بلاول پاران سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري فائرنگ ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪئي. ضلعي جنوبي وزيرستان مڪين ۾  بلاول ڀٽو زرداري سيڪيورٽي فورسز جي 16 بهادر جوانن جي شهادت جو افسوس ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيد نوجوانن جي خون جي قطري جو حساب وٺندي، دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، شهيد اهڪارن جي بيواهن جي ڏک ۾ برابر شرڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.