ڪراچي واسين کي حقن لاءِ نڪرڻو پوندو: منعم ظفر

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي حق لاءِ نڪرڻو پوندو. پاڻي جي کوٽ خلاف نيپا چورنگي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته حق لاءِ آواز بلند نه ڪيو ويو ته ڦرلٽ ۽ڪرپشن جاري رهندي. منعم ظفر چيو ته گذريل ٻن هفتن کان شهري پاڻي جي مسئلي سبب پريشان آهن. ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن چئي رهيو هو ته پاڻي سپلاءِ شروع ٿي ويندي پر مسئلو حل ناهي ٿيو، اها قابض ميئر جي نااهلي آهي.

  1. برطانيا ۾ تيز هوائن سبب 100 اڏامون معطل، شهري سخت پريشان

لنڊن ( م ڊ )  برطانيا ۾ مسلسل تيز هوائن سبب هيٿرو ايئرپورٽ 100 اڏامون رد ڪري ڇڏيون، . اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ وچ ۾  فيري سروس پڻ معطل ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب اسڪاٽ لينڊ، اتر آئرلينڊ، ويلز سميت اتر ۽ اولهه انگلينڊ ۾ رات 9 وڳي تائين تيز هوائون گهلڻ  جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. ڪرسمس ملهائڻ لاءِ پنهنجا گهر ڇڏي ڪارن تي ويندڙ هزارين ماڻهو به تيز هوائن سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.