ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن صوبن سان ڪيل وفاقي حڪومت جي خاطرين تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پ پ چيئرمين کي حڪومت طرفان مستقبل ۾ ٿيندڙ قانونسازي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پ پ اڳواڻن وفاقي حڪومت طرفان مختلف صوبن سان ڪيل خاطرين تي ٿيل اڳڀرائين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين اجلاس ۾ شامل اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته هو حڪومت سان پنهنجن رابطن کي وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ۾ انهن رابطن تي هاڪاري نتيجا سامهون رکي سگهجي.