پاڪستاني ميزائل کان آمريڪا به محفوظ ناهي: آمريڪي عملدار

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي قومي سلامتي بابت نائب صلاحڪار جان فائنر چيو ته پاڪستان جي ميزائل کان آمريڪا به محفوظ  ناهي. پاڪستان ڊگهي فاصلي جا بيلسٽڪ ميزائل ٺاهي رهيو آهي جيڪي ڏکڻ ايشيا کانسواءِ آمريڪا تائين پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. ان ۾ ڪا ٻٽي راءِ ناهي ته اهي بيلسٽڪ ميزائل ايٽمي هٿيارن سان به ليس ڪري سگهجن ٿا. ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل پروگرام جو مقصد شڪ پيدا ڪري ٿو. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي کاتي جو بيان به آيو. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته اسان جو موقف واضح آهي، اسان ڪڏهن به پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت ناهي ڪئي. ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي سخت خدشا آهن، لانگ رينج بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت کان انڪار پراڻي پاليسي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتو قومي سلامتي لاءِ پابنديون ۽ ٻين ٽولز جو استعمال جاري رکندو. آمريڪا ان مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکندو، پابندين سان ٻين شعبن ۾ سهڪار متاثر نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.