سول نافرماني تي گنڊاپور سرڪار جي خاتمي جو چٽو امڪان

اسلام آباد (امداد سومرو) علي امين گنڊاپور کان استعفيٰ جي مطالبي کان پوءِ ھڪ اھم ويھڪ ٿي آھي جنھن ۾ فوجي عملدار به شريڪ ٿيا. ان ۾ محسن نقوي به شريڪ ٿيو. علي امين جو اھو طريقو رھيو ته عمران جي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ  ھو اسلام آباد مٿان چڙھايون ڪندو رھيو  ۽ وري چڙھائي بعد پيرين پوڻ تياري به ڪندو رھيو آھي ته ٻيلي مون کي معاف ڪريو غلطي ٿي وئي مجبوري آھي. نتيجو اھم نڪتو ته صوبو دھشتگردي جو شڪار بڻجي ويو آھي. پارا چنار مڪمل طور تي دھشتگردن جي رحم ڪرم تي اچي ويو آھي. خبرون آھن ته 29 ٻار دوائون نه ملڻ جي ڪري فوت ٿي ويا آھن . ان دوران  ڪوڙيون خبرون به ھلايون ويون ته جنگ بندي ٿي وئي آهي پر ڪا جنگ بندي ناهي ٿي. ان باوجود عمران خان ڪڏھن به گنڊاپور کي ان لاءِ نه گھرايو ته ڪرم ايجنسي بابت ڪا ڳالهه ڪري يا دھشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪجھ چوي. ان صورتحال کي ڏسندي گورنر راڄ بابت سوچ ويچار آيو پر بعد ۾ ان تان ڪنھن ڪارڻ ويچار ختم ڪيو ويو.اڄ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ وزيراعليٰ ، محسن نقوي  ۽ فوجي اختياريون به شريڪ ٿيون ان ۾ ڪرم ايجنسي صورتحال بابت ويچاريو ويو ھاڻي فيصلو ڪيو ويو آھي ته ڪرم ايجنسي ۾ جيڪي ھٿياربند آھن تن کي غير مسلح ڪيو ويندو اتي جيڪي بنڪر ٺھيل آھن انھن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ھاڻي جيڪڏهن گنڊاپور عمران جي سڏ تي سول نافرماني تحريڪ جي اڳواڻي ڪندو ته پوءِ ان جي حڪومت ھلي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 21 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.