ميرپورخاص( بيورورپورٽ ) سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران هاءِ ڪورٽ بار کان سوين وڪيلن احتجاجي ريلي ڪڍي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري کي خطاب ڪندي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ علي حسن چانڊيو ، ايڊوڪيٽ مير پرويز ٽالپر، ايڊوڪيٽ شوڪت راهمون، ايڊوڪيٽ غفار ناريجو، سڪندر ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ملڪ دشمني تي ٻڌل منصوبو آھي جنھن کي فورن واپس ورتو وڃي، اھو منصوبو مڪمل طور سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ سنڌ قبول نه ڪندو ھنن چيو ته چولستان ڪينال نڪرڻ سان پنجاب جي ريگستان جي 36 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. جيڪا گرين پاڪستان جي نالي سان سنڌ سڪائڻ جو منصوبو آھي، ڪينال نڪرڻ سان سنڌ جي زراعت 100 سيڪڙو تباھه ٿي ويندي جنھن سبب سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي .