سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 10 سالن کانپوءِ جي يو آءِ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ 5-5 لک کان وڌيڪ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڪالهه جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڇهه جوابدارن حنيف ڀٽو، مشتاق مهر، سارنگ چانڊيو، ٽن ڀائر الطاف جمالي، لطف جمالي ۽ درياهه خان جمالي کي عمر قيد ۽ 5-5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي قلمن ۾ به ڇهن ئي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، اهڙي طرح ڇهن ئي جوابدارن کي هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ 7-7 سال ۽ گاڏي تي جعلي پليٽ لڳائڻ جي ڏوهه ۾ 3-3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، فيصلو اچڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وڃي ها، عدالتي فيصلي سان اڌورو انصاف مليو آهي پرامن طريقي سان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌهاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو، ڪارڪن پرامن رهن، قاتلن کي ڦاهي ڏيڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، ان لاءِ جيڪڏهن اسان کي 50 سال به جدوجهد ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر ماٺ ڪري نه ويهنداسين، هن چيو ته عدالت ۾ واضح چيو ويو ته جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيو آهي، پوءِ قاتلن کي موت جي سزا ڇو نه ڏني وئي؟ سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون هاءِ پروفائيل ڪيس آهي جنهن ۾ فيصلو ٿيو آهي، پر اسان کي اڌورو انصاف مليو آهي، ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي امير مولانا عبدالقيم هاليجوي، سيد سراج احمد شاهه امروٽي، علامه ناصر محمود سومرو، قاري محمد عثمان، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا محمد رمضان پليپوٽو، مولانا محمد اسحاق لغاري، شهيد جا وارث ۽ سوين ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود هئا، واضح رهي ته 29 نومبر 2014ع تي علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي مسجد ۾ فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو، سندس قتل ڪيس ۾ 450 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون ۽ 17 شاهد پيش ٿيا، جن جي بنياد تي عدالت فيصلو ٻڌايو.