فوج کي عدليه جو سهڪار رهيو، ٻئي برابر جا ذميوار

اسلام آباد (عمران شفقت) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهم رمارڪس سامهون آيا آهن.  جسٽس اطهر من الله  رمارڪس ۾ التوا هيٺ ڪيسن سميت اڳوڻن وزير اعظمن کي سزائون جو ذڪر ڪيو.جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي رياست کي نشانو بڻايو. رياست کي نشانو بڻائڻ اڻ سڌي ريت فوج کي نشانو بڻائڻ هوندو آهي. ڪيس التوا ۾ هجڻ، وزيراعظمن کي سزائون اچڻ تي ڇا ان جي ذميوار رڳو رياست آهي ۽ سپريم ڪورٽ ان کان مٿانهين آهي؟ ڪيترائي ڪيس التوا هيٺ رکيا وڃن ٿا، پر ڇا اهو فوج جو ڏوهه آهي يا رياست جي مجموعي ڪارڪردگي جي عڪاسي آهي؟ جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته رياست حڪومتون آڻڻ ۽ هٽائڻ ۾ مصروف رهي آهي. هن ان اوٽ ۾ فوج کي نشانو بڻايو. 2021 کان پوءِ عمران خان عهدي تان لهڻ کانپوءِ فوج ڪنهن به پراجيڪٽ يا سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو هو. ان تي ظاهري طور جسٽس اطهر من الله پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو بحث ٿيو، اهو عوام جي دل جو آواز آهي، پر سوال آهي ته ڇا اعليٰ عدليه ان سموري معاملي کان مٿانهين آهي؟ عمران خان کي آڻڻ دوران پاڪستان جي فوج کي عدليه جو سهڪار به حاصل رهيو هو. اعليٰ عدليه به اوتري ئي ذميوار آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 21 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.