ڳالهين لاءِ منٿون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: اسپيڪر

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت کي هڪ ئي ميز تي آڻڻ منهنجو ڪم  آهي، ان لاءِ کين منٿون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر ماڻهن کي زوري پڪڙي ڳالهيون نه ٿيون ڪرائي سگهجن، اسلام آباد ۾ اسپيڪر ڪانفرنس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ ڌر ڪميٽي ٺاهي آهي پر هو ٽي وي تي ڳالهائين پيا پر سامهون نه ٿا اچن، آيا ته آئون به حڪومت کي ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ چوندس، آيت الڪرسي ۽ درود شريف پڙهي ڦوڪ ڏيندس ته جيئن مثبت نتيجا نڪرن.

  1. ججن جي مقرري واري درخواست آئيني بينچ ڏانهن وڃڻ گهرجي ها: عدالت

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جيند غفار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ججن جي مقرري ۾ سياسي مداخلت روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت بئنچ جي دائري اختيار بابت دليل طلب ڪري ورتا آهن . جسٽس جنيد غفار پڇاڻو ڪيو ته اها درخواست اسان وٽ ڇو آئي آهي؟،  جسٽس جنيد غفار چيو ته اها درخواست آئيني بينچ ڏانهن وڃڻ گهرجي .هن درخواست ۾ ڇا استدعا ڪئي وئي آهي؟، درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين پنهنجي موقف ۾ چيو ته  جڊيشل ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪشن کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذارن جا ٻه الڳ وڪيل ڇو آهن؟ عدالت چيو ته اسان هڪ وڪيل کي هڪ درخواست ۾ ٻڌنداسين، عدالت چيو ته پهرين عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته اها درخواست آئيني بينچ ۾ ڇو نه داخل ڪئي وئي آهي، ريگيولر بينچ ۾ ڇو داخل ڪئي وئي آهي؟ عدالت درخواست جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.