يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ۾ 2 ايف آءِ اي آفيسر گرفتار
Share
اسلام آباد (م ڊ) يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ۾ غفلت ڪرڻ تي ٻن ايف آءِ اي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ انسپيڪٽر زبير اشرف ۽ سب انسپيڪٽر شاهد عمران شامل آهن. جوابدار فيصل آباد ايئرپورٽ تي شفٽ انچارج طور مقرر هئا.