ٻي عالمي جنگ کانپوءِ منظم مزدور تحريڪ اڳي کان وڌيڪ طاقتور ٿي اُڀري. 1920ع ۽ 1930ع ۾ جيڪي مزدور تحريڪون اڀريون، جن نئين ٺاهه وارن سڌارن (New Deal Reform) کي جنم ڏنو، جن ۾ 8 ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻ، هفتي جي آخر ۾ موڪل ۽ اوور ٽائيم ڪم ڪرڻ تي پگهار ڏيڻ جا سڌارا شامل هئا. جنگ دوران فورڊ ڪمپني يونائيٽيڊ آٽو ورڪرس (UAW) جي يونين کي تسليم ڪيو ۽ جڏهن جنگ ختم ٿي ته ان يونين مزدورن جي اجرت وڌائڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو فورڊ II کي مجبوراً تسليم ڪرڻو پيو. 1949ع ڌاران فورڊ ڪمپني جا مزدور ايترو ته سٺا منظم ٿيل هئا جو انهن ڪمپنيءَ سان هڪ معاهدو ڪيو جنهن مطابق مزدورن کي پينشن، سوشل انشورنس ۽ ٻيا فائدا ڏيڻ جا مطالبا منظور ڪيا ويا.
1949ع ۾ UAW، 25 ڏينهن لاءِ مزدور هڙتال منظم ڪئي، جنهن ۾ سندن مطالبا مزدورن جي پئداوار وڌڻ مطابق اجرت وڌائڻ ۽ صنعت ۾ خودڪاري (Automation) اچڻ ڪري ممڪنه بيروزگاري هئا. ڇاڪاڻ ته آمريڪي حڪومت ۽ فورڊ ڪمپنيءَ وچـ۾ تمام گهرا ناتا هئا، انڪري صدر ڪينيڊي ليبر مئنيجمينٽ پاليسيءَ تي صدارتي ڪميٽي تشڪيل ڏني، جنهن کي ٽه ڌري (Tripartite) ڪاميٽي جي نالي سان به ڄاتو وڃي پيو. هن ڪاميٽيءَ ۾ مزدور، ڪارخانن جا مالڪ ۽ حڪومتي نمائندا شامل هئا، جن کي پنهنجا تنازعا ڳالهين جي ميز تي ويهي طئي ڪرڻا هئا.
مزدورن طرفان ڪمپنيءَ جي حڪمرانيءَ مٿان اثرانداز ٿيڻ جون هي ڪوششون، مالڪن لاءِ ناقابل قبول هيون، اهڙي طرح هي ڳالهيون آخرڪار ناڪام ٿيون ۽ صدارتي ڪاميٽي، ڳالهيون ڪرڻ جي هڪ دوڪان مثل ٿي وئي. سرمائيدار طبقي کي مزدور تحريڪ ۽ ليبر مئنيجمينٽ پاليسيءَ تي قائم ڪيل صدارتي ڪاميٽيءَ معرفت مزدورن کي ڳالهين جي ميز تي هڪ سيٽ ڏيڻ واري ڳالهه هضم نه ٿيڻ لڳي.
پنهنجن مالڪن (Bosses) جا مطالبا نوڙت سان قبول ڪرڻ بدران مزدورن هاڻي پنهنجا مطالبا زور سان رکڻ شروع ڪيا. ان جي نتيجي ۾ 20هين صدي جي وچ ڌاران ڪيترائي شاهوڪار ملڪ حڪمراني ڪرڻ لائق نه رهيا (Ungovernable) (دي انگورنبل سوسائٽي گريگوئر چيمايو). مالڪ پئدواري عمل جي انتظام ڪاري مزدورن حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، ڇاڪاڻ ته پوءِ هنن جي خيال ۾ ان سان اهو فرق ختم ٿي وڃي ها، جنهن تي پئداوار جو سمورو سرمائيداراڻو طريقو بيٺل هو، يعني ڪيپيٽل ۽ مزدور وچ ۾ فرق. اهو سوال به اڀرڻ لڳو ته جيڪڏهن مزدور ئي پئداواري عمل جي منصوبه بندي ڪرڻ جي قابل آهن ته پوءِ ڪمپني ۾ مئنيجر رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. پوءِ مزدورن کي سندن پورهئي جي اجرت ئي ڇو ڏجي؟ پوءِ ڇونه مزدور ڪارخانن جا مالڪ بڻايا وڃن؟ ان ڪري اهو رڳو مالڪ جي اختيار (Authority) کي چئلينج ڪرڻ جو معاملو نه هو پر سڄو سرمائيدار سرشتو (Free Enterprise System) داءَ تي لڳل هو.
پوءِ ڇا ٿيو؟
سماج کي وري ”حڪمراني ڪرڻ لائق“ بڻائڻ لاءِ نيولبرل ميدان ۾ لٿا. برطانيا جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر ۽ آمريڪي صدر رونالڊريگن “نيو لبرل نظريو” کڻي سرمائيداراڻي سرشتي کي بچائڻ لاءِ اڳتي آيا. هنن ڪئپيٽل جي طاقت کي آزاد ڇڏي ڏنو. ليو پئنچ ۽ سام گنڊن جي لفظن ۾ “نيو لبرلزم حقيقت ۾، انهن جمهوري فائدن جيڪي مزدور طبقن ماضيءَ ۾ حاصل ڪيا هئا، جو هڪ سياسي ردعمل هو.” (دي ميڪنگ آف گلوبل ڪئپيٽلزم پئنچ اينڊ گينڊن)
نيو لبرل طرفان بظاهر رياست کي سُسائڻ جون ڳالهيون ڪرڻ باوجود اهو رياستي طاقت جو غليظ ۽ وحشتناڪ استعمال ئي هو جنهن سان هنن پنهنجا مقصد پورا ڪيا.
نيو لبرلزم هيٺيان تڪڙا قدم کنيا:
* پئسي کي اوڌر تي ڏيڻ ۽ ان جي چرپر تي مڙهيل پابنديون ختم ڪيون ويون.
* مالياتي ادارن کي آزاد ڇڏيو ويو (Deregulated).
* ٽئڪسن جي شرح گهٽائي وئي.
* صنعتن کي خانگايو (Privatise) ويو.
* ٽريڊ يونين کي ڪچليو ويو.
* شيئر هولڊر جي مذهب کي اداري جي حيثيت ڏني وئي.
* مزدورن ۽ شهرين جي جڳهه تي ائٽمائيزڊ انٽر پرينيورس ۽ رياستي خدمتن جا واهپيدار پئدا ڪيا ويا.
نيٺ جڏهن ٿيچر ۽ ريگن مزدورن مٿان فتح جي دعويٰ ڪئي، حڪمراني ٻيهر بحال ڪئي وئي، مالڪن کي هڪ دفعو وري منصوبابندي ڪرڻ جي هيڪلي طاقت ملي وئي.
نيو لبرل ازم توڻي جو هڪ ڪمزور يا ننڍي رياست جي هام هنئي، پر سموري نيو لبرل دور دوران رياست جو خرچ وڌندو رهيو آهي، پوءِ اهو ڪارپوريٽ ويلفيئر لاءِ لابنگ هجي يا بحرانن مان پار پوڻ (Bailout) لاءِ رقم ڏيڻ هجي.
سرمائيدار سماج ۾ رياست هميشه هڪ سرگرم ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. نيو لبرلزم ۾ اها رياست جي سائيز يا طاقت نه هئي جيڪا تبديل ٿي پر اها ڳالهه هئي ته رياست جي دخل اندازيءَ مان ڪنهن کي فائدو پهتو ٿي.
نيو لبرل رياستن وڏن واپارين ۽ شاهوڪار فردن کي تمام گهڻا پئسا ڏنا، بجاءِ نوڪرين ۾ سيڙپ ڪرڻ جي، انفرا اسٽرڪچر سيڙپ جا پروگرام پئدا ڪرڻ جي يا پورهيو ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ پبلڪ خدمتون پئدا ڪرڻ جي. مثال طور نجڪاري (Privatisation) لاءِ اهو فرض ڪيو ويو ته اها غيرجوابده آفيسرن طرفان هلندڙ نااهل/نڪمن سرڪاري اجگر ادارن منجهان اهل، نفعو وڌائيندڙ نجي ڪارپوريشنون پئدا ڪندي پر انجي بدران ان اهم قومي انفراسٽرڪچر جي حڪمراني، سرڪاري شعبي مان ڪارپوريشنن کي ڏئي ڇڏي، جن جا نفعا، رياست طرفان گارنٽي ڏنل هئا.
حقيقت ۾ نيولبرل رياست جون ترجيحون، جديد ڪارپوريشن جي ترجيحن کان الڳ سڃاڻڻ جهڙيون ناهن. ڊونالڊ ٽرمپ جي ڄاٽي، جيئرڊ ڪشنر هڪ هنڌ هيئن چيو ته “حڪومت، هڪ وڏي آمريڪي ڪمپنيءَ جيان هلائڻ گهرجي.“ تشدد سرمائيداري نظام (Capital) لاءِ، نه ڪه ان جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي، اهوئي سبب آهي جو تمام گهٽ سفيد ڪالر ڏوهه عدالتن ذريعي پڪڙيا وڃڻ لڳا. ڏوهن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن (Criminologists) جو چوڻ آهي ته “اسان رياست طرفان عام رواجي سمجهيل (State routinized) ڏوهن جي دنيا ۾ رهون ٿا، جنهن ۾ حڪومتون وڏين ڪارپوريشنن کي ڏوهه ڪرڻ (Criminality) جي اجازت ڏين ٿيون يا انجي ڦڙتيءَ سان سهولتڪاري ڪن ٿيون.”
نيولبرلس جي هڪ آزاد مارڪيٽ واري معيشت قائم ڪرڻ جي دعويٰ جو مطلب هڪ جمهوري حڪومت کي هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪمرانيءَ سان تبديل ڪرڻ هو، حڪومت کي ٽيڪنوڪريٽ اشرافيه جي ماڻهن سان تبديل ڪرڻو هو.
طاقتور سرمائيدار ڪاميابيون ماڻيندڙ مالياتي مارڪيٽن جي سمورن فائدن کي حاصل ڪندا آهن، جڏهن ته زوال جي صورت ۾ محفوظ ڪيا ويندا آهن. اهي پورهيت ئي هوندا آهن جن کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته بي روزگاري، گهٽ اجرتن ۽ پبلڪ خدمتن ۽ سوشل سيڪيورٽيءَ ۾ ڪٽوتين جي صورت ۾ بحران جا نتيجا ڀوڳن.
بحران اچڻ جي صورت ۾ سياستدان ۽ دولت رکندڙ پاڻ ۾ اهو طئي ڪندا آهن ته ڪنهن کي بچايو وڃي ۽ ڪنهن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو وڃي.
وڏين بئنڪن مان اڪثر جن اهو بحران پئدا ڪيو هوندو آهي، هڪ يا ٻئي روپ ۾ بچي وينديون آهن، جڏهن ته اهو پورهيت طبقو ئي هوندو آهي جيڪو وڏن مالياتي ادارن جي لالچ ۽ لاپرواهيءَ جي قيمت ادا ڪندو آهي. مطلب ته سياسي ۽ معاشي طاقت جو امتزاج جيڪو اسان بحرانن جي موقعن تي ڏسون ٿا، ان ڪم جي انداز جو اڻٽٽ حصو هوندو آهي، جنهن ۾ سرمائيداراڻو سماج ڪم ڪندو آهي.
هن مسئلي کي حل ڪرڻ جو واحد طريقو سرمائيداري نظام (Capital) ۽ پورهئي جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۾ آهي، جنهن تي هي نظام بيٺل آهي. سموري معيشت کي جمهوري بڻائڻ ۾ ئي ان مسئلي جو حل آهي.
نيولبرل رياست جو تشدد، گلوبل ڏکڻ ۾ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو وڏو مثال چلي ملڪ آهي، جتي لکين ماڻهو خاص ڪري ڪميونسٽ) ڊڪٽيٽر پنوچي جي نيو لبرل حڪومت ۾ قتل ڪيا ويا يا غائب ڪيا ويا. اهو سڀ آزاد مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ سوشلزم کي ختم ڪرڻ جي نالي ۾ ڪيو ويو.
جنوري 1926ع ۾ برطانيه جي لوڪاس ايئراسپيس ڪارپوريشن هڪ دستاويز ٺاهيو، جيڪو لوڪاس پلان (Lucas Plan) جي نالي سان مشهور آهي. هي منصوبو ڪمپنيءَ کي هٿيار ٺاهڻ جي پئداوار کان سماجي طور ڪارآمد شين جي پئداوار ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ هو. ڪمپني، آمريڪا، جاپان ۽ يورپ جي اڀرندڙ ايئراسپيس هوائي ڪمپنين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي پر ان ۾ ڪمپني ناڪام ٿي رهي هئي. ڪمپنيءَ جا مزدور، يونين جا نمائندا ان وقت جي برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊسٽري، مسٽر ٽوني بين سان مليا، جنهن هنن کان ڪمپنيءَ کي بهتر بڻائڻ جون تجويزون گهريون. لوڪاس ڪمپنيءَ جا مزدور سوين نون خيالن سان ميدان ۾ لٿا. 150 کان مٿي نون پئداوارن لاءِ خيال حتمي دستاويز ۾ شامل ڪيا ويا. جڏهن هي دستاويز ڪمپنيءَ جي سينيئر مئنيجرن کي پيش ڪيو ويو، ته انهن انکي هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو. هنن جو خيال هو ته اهو بهتر ٿيندو ته لوڪاس ڪمپني مري وڃي، بجاءِ ان جي جو اها مزدورن جي حوالي ڪري ڇڏجي. ڪمپنيءَ جي ليڊرشپ بهرحال لوڪاس جي مزدورن جي ذهانت تي حيران رهجي وئي. لوڪاس پلان غيرمعمولي طور تي هڪ زبردست دستاويز هو، جنهن سرمائيداري نظام جي بنيادن کي چئلينج ڪيو ٿي. مزدورن ڪمپنيءَ لاءِ هڪ بلڪل ئي نئون ماڊل تيار ڪيو، هڪ اهڙو ماڊل جيڪو سماجي طور ڪارائتين شين جي جمهوري پئداوار تي بيٺل هو. ان مان ائين ٿي لڳو ته مزدور تخليقي معمار هئا، نه ڪي فرمانبردار ماکيءَ جون مکيون. پر 1979ع ۾ ٿيچر جي برطانيا جي وزيراعظم بڻجڻ سان برطانيا جي معيشت ۾ وڏيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون. هن مزدور يونين سان جنگ ڇيڙي ڇڏي، سرڪاري ادارن کي نجي بڻائڻ شروع ڪيو. ڪولي (Cooley) لوڪاس پلان ٺاهيندڙ کي معطل ڪيو ۽ لوڪاس پلان کي ختم ڪيو. هن پلان، ملڪ جي معيشت جي واڌاري لاءِ اهڙا بنياد رکيا ٿي، جن پورهيتن جي شان، تخليقي صلاحيتن ۽ خودمختياريءَ جي عزت ڪئي ٿي. ٿيچر رياست مٿان پنهنجي ڪنٽرول کي استعمال ڪندي سرمائيداري نظام جي طاقت کي نيو لبرلزم جي نعري هيٺ مزدورن مٿان ٻيهر مسلط ڪري ڇڏيو.