آمريڪا جو بلاسٽڪ ميزائل پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي چئن ڪمپنين تي لڳل پابندين وارو معاملو

رپورٽن موجب آمريڪا جي قومي سلامتي بابت نائب صلاحڪار جان فائبر چيو آهي ته پاڪستان اهڙا ميزائل ٺاهي رهيو آهي جيڪي ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر آمريڪا جي هدفن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا. پاڪستان جون ميزائل تياريون ان جي ارادن جي باري ۾ سوال اٿارين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان، آمريڪا جو اهم ڀائيوار آهي. لانگ رينج بيلسٽڪ ميزائيل پروگرام جي حمايت کان انڪار اسان جي پراڻي پاليسي آهي. پرڏيهي کاتو قومي سلامتي لاءِ پابندين ۽ ٻين ٽولز جو استعمال جاري رکندو اسان انهن مسئلن تي پاڪستان جي حڪومت سان ڳالهيون جاري رکنداسين. پابنديون ايٽمي ميزائل پروگرام بابت اسان جي خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس رد عمل ۾ چيو آهي ته آمريڪا جون پابنديون بدقسمتي ۽ تعصب تي ٻڌل آهن. پاڪستان اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ملڪ جي خدمختاري جو بچاءُ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم رکڻ آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا پاران پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان چئن ڪمپنين مٿان پابندي لاڳو ڪئي آهي، جن ۾ هڪ اين ٽي ڊي شي سرڪاري ڪمپني آهي، ٻي اختر اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽڊ، ٽين ايفئليٽس انٽرنيشنل ۽ چوٿين راڪ سائيڊ انٽرپرائزز آهي.

اصولي طور تي ڏسجي ته ڪنهن به رياست يا ملڪ کي پنهنجي دفاع جو انتظام ڪرڻ جو حق آهي. البت ڪنهن به ملڪ کي جنگ يا جنگ لاءِ اڳرائي جو حق نٿو ڏئي سگهجي. پاڪستان کي ڏسجي ته ويجهي تاريخ ۾ ان جو ڪنهن ملڪ سان ڪو جنگي تڪرار نٿو هلي. اڃان به ڏسجي ته ڀارت، افغانستان يا ايران پاڪستان تي ڪجهه حملا ڪيا جن جي روشني ۾ ان کي پنهنجي دفاعي انتظام بابت يقيني طور تي سوچڻو پئجي رهيو آهي. پر جيڪڏهن آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته ميزائل جو غلط استعمال نه ٿئي ته پوءِ اهو فارمولو برابري جي بنياد تي سڀني ملڪن لاءِ لازم هئڻ گهرجي ۽ ان تقاضا تي پاڻ آمريڪا کي به پورو لهڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ائين ئي ٿيندو جيئن پاڪستان ان هڪ طرفي پاليسي کي تعصبي ۽ بدقسمتي  تي ٻڌل قرار ڏئي رهيو آهي.

حقيقت جو ٻيو ۽ دلچسپ پاسو اهو به آهي ته خود آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ ئي اصل ۾ جنگيون رڳو ڏکڻ ايشيا، رڳو وچ اوڀر لاءِ نه پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻيل آهن. اهو آمريڪا ئي آهي جيڪو جنگي هٿيارن جي پيداوار ۾ دنيا جو وڏو ملڪ آهن پر اهي جنگي هٿيار وڪرو ڪرڻ لاءِ دنيا اندر نه رڳو ڪرائڻ ۾ ملوث رهيو آهي. اهو ملڪ جيڪو پاڻ پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن کي جنگي هٿيار خريدڻ تي مجبور ڪندو رهيو آهي ۽ جيڪو هڪ سال کان فلسطين  ۾ هلندڙ جنگ ۾ اسرائيل جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي سو جيڪڏهن پاڪستان جي ميزائل ٽيڪنالاجي تي اعتراض ڪري ۽ ان کي خطرو سمجهي ته ان تي کلي ئي سگهجي ٿو.

آمريڪا کي جيڪڏهن پرامن دنيا قائم ڪرڻ جو اونو هجي ها ۽ ايٽمي هٿيارن جو حقيقي مخالف هجي ها ته اڄ دنيا جي اها حالت نه هجي ها. اڃان به ائين چئجي ته پرامن دنيا آمريڪا جي مفاد ۾ ناهي. جيڪڏهن سڄي دنيا پرامن ٿي ويندي، سڀ ملڪ دوست ملڪ ٿي رهندا سڄي دنيا پرامن ٿي ويندي، سڀ ملڪ دوست ملڪ ٿي رهندا ته آمريڪا جا جنگي هٿيار ڪيئن وڪرو ٿيندا. سو آمريڪا جي اها هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنين تي پابندي هڪ طرفي ۽ مخصوص ملڪن لاءِ ئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اتحادي ملڪن کي ان معاملي ۾ ڇوٽ ڏنل آهي. جيڪا عالم آشڪار نظر اچي رهي آهي. پر جيڪڏهن آمريڪا کي واقعي به جنگي ۽ ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا گهرجي ته ان کي اها پاليسي پاڻ سميت سڄي دنيا جي ملڪن تي لاڳو ڪرڻي پوندي ايئن نه ٿيندو ته هڪڙن ملڪن کي ڇوٽ مليل هجي ۽ ٻين مٿان پابندي مڙهجي.

هن سال نومبر مهيني ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ذريعي چونڊجي آيل آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪاميابي کانپوءِ جيڪا پهرين تقرير ڪئي هئي تنهن ۾ هڪ سٺو اعلان ڪيو هيائين ته اهو دنيا اندر هلندڙ جنگيون به ختم ڪندو ۽ اڳتي جنگيون ٿيڻ به نه ڏيندو. ان نئين صدر کي جنوري ۾ صدارتي حلف کڻڻو آهي پوءِ ئي ڏسبو ته اهو اسرائيل ۽ غزه جي هلندڙ جنگ کي واقعي به روڪرائي ٿو يا نه. جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ فوري طور اها جنگ روڪرائي ٿو ته ان سان سندس حڪومت جي يقيني طور تي بهترين شرعات ٿيندي. اميد ڪجي ٿي ته ڊونلڊ ٽرمپ ميزائيل ٽيڪنالاجي وارن سڀني ملڪن جي پروگرامن کي هڪ نظر سان ڏسندو. مثال طور ڀارت به ميزائل پروگرام ۽ ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ آهي پر ان مٿان ڪا پابندي ناهي. جڏهن ته ان جو بلاسٽڪ ميائل پروگرام پاڪستان کان وڏو آهي.

ٻيو ته عام مطالبو اهو ٿي رهيو آهي ته ڪنهن به وڏو يا ننڍي ملڪ کي ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان به آمريڪا سڄي دنيا اندر سامراج ملڪ طور بدنام آهي ۽ اهو سرعام ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي. جنهن جي اصولي طور تي سخت مخالفت ۽ مذمت ٿي رهي آهي. پاڪستان اندر ته حڪومتن کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي گرفتاري جي معاملي ۾ به آمريڪا جي مداخلت سڌي سنئين نظر اچي رهي آهي ته ان کي آزاد ڪيو وڃي. انهيءَ مداخلت کي ڪير به چڱو نٿو چئي سو آمريڪا کي ان حوالي سان به پنهنجي پاليسيءَ تي نظرثاني جي سخت ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ پوءِ آمريڪا ڏانهن به آگريون کڄنديون ته ان جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي جنهن تي يقيني طور تي وڌيڪ تڪرار ئي ٿيندا. پاڪستان ته پهرين ڏينهن کان آمريڪا جي بلاڪ ۾ شامل رهيو آهي تنهن ڪري ان تي پابنديون مڙهڻ ۽ ان کي سرعام دنيا آڏو خوار ڪرڻ بدران ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري معاملا درست ڪرڻ گهرجن، ان عمل کي ئي سمجهداري سمجهيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.