حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) ناميارن دانشورن, اديبن, شاعرن ۽ ليکڪن, شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي جي انتها تي وٺي ويا آهن، ماڻهن کي جاگيردارن، پيرن، مولوين ۽ سردارن ۾ ورهايو پيو وڃي، سماج کي قبائلي نظام طرف ڌڪيو پيو وڃي. سنڌ رواداري وارو خطو رهيو آهي، انتهاپسندي عوام نه پر رياستي پاليسيون آڻيندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ۽ پرانٿا ڪمارا جي قتلن جهڙا دردناڪ واقعا پيش اچن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ۾ ترقي پسند، انقلابي، رومانوي ۽ وطن دوست شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ميوزيم ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي منعقد ڪيل ٽن ڏينھن واري ڏھين اياز ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ثقافت کاتو اياز ميلي جو سهڪار ڪري پيو ۽ ڪندو رهندو. اياز ميلي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ گرانٽ به رکرائي ويندي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، پر سنڌ اڄ به هن قسم جا ميلا ملهائي رهي آهي، سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي. نامياري ليکڪه نورالهدي شاهه چيو ته اياز ميلو ان ڪري به اهم آهي ته هزارين مخالفتن باوجود هي ميلو لڳي رهيو آهي، هي ميلو ڌرتي سان ڳنڊيل آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جا رستا بند ڪري سنڌي قوم کي بقاءَ جي سوال تي اچي بيهاريو ويو آهي پر قوم کي ٻين مسئلن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ سدائين رياست جي حملن جو شڪار رهي آهي، ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ايندڙن نسلن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ انتهاپسندي کي وڌايو پيو وڃي، سنڌي قوم ته سدائين مزاحمتون ڪيون آهن. ھن چيو ته سنڌ انتهاپسندي کي ڪڏهن به جاءِ ناهي ڏني، اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان کي سڪل ۽ انتهاپسندي ۾ ورتل سنڌ سنڌ گهرجي ٿي. هن سنڌ جي حڪمران جماعت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪمران جماعت سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي جي انتها تي وٺي وئي آهي. هاڻ ماڻهن وڏي تعداد ۾ سردارن جون پڳون ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، اسان رڳو هڪ ٺپو لڳائڻ وارا ووٽر بڻجي ويا آهيون. اسان زوال جو شڪار آهيون، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي اميد نوجوان آهن. سنڌ جي بقاءَ پير پرستي, جاگيرداري ۽ سرداري نظام کان ڇوٽڪاري ۾ آهي، نوجوان اهو ڪم ڪري ڏيکارين. هن چيو ته اسان کي ڪفر جي فتوائن ۽ پير پرستي کان نجات طرف وڃڻو پوندو.هن چيو ته ايندڙ نسلن لاءِ ڌرتي، پاڻي ۽ انسانيت کي بچائڻو پوندو. نسلن کي قاتل ۽ مقتول ٿيڻ کان بچائڻ جو وقت آهي. نامياري دانشور ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جا تمام گهڻا مسئلا آهن، هن انتهاپسندي کان رواداري تائين تي پنهنجو پيپر پڙهندي چيو ته اهو سوچڻ گهرجي ته سماج کي انتهاپسنديءَ کان رواداريءَ طرف ڪيئن وٺي وڃجي، سنڌ رواداري جو خطو رهيو آهي، انتهاپسندي عوام نه پر رياستي پاليسيون آڻيندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ۽ پرانٿا ڪمارا جي قتلن جهڙا دردناڪ واقعا پيش اچن ٿا. هن چيو ته شاهه لطيف جي قوم پرستي آفاقي ۽ عالمي سطح واري هئي، هو سنڌ جو خير گهرڻ سان گڏ عالم سڀ آباد ڪرين جي ڳالهه به ڪري ٿو. هن چيو ته انتهاپسندي جي سمورين شڪلن کي ختم ڪري رواداري جي راهه وٺڻ جي ضرورت آهي، رڳو مذهبي انتهاپسندي ناهي هوندي، پر ثقافتي، سياسي، سماجي، صنفي ۽ ادبي انتهاپسندي به ٿئي ٿي. هن چيو ته قدامت پرستي به تمام وڏو مسئلو آهي، قدامت پرستي واري سوچ کي مڙهيو ويندو آهي، بنياد پرستي مختلف طريقن سان معاشري ۾ انتهاپسندي آڻيندي آهي. ھن چيو ته رياست انتهاپسندي کي طاقتور ڪرڻ جي لاءِ قوم پرست، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين کي خلاف ڪارروايون ڪندي رهي آهي، اڄ رياست پنهنجي ئي وڇايل ان ڄار ۾ ڦاسي پئي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ فلاحي ڪمن جي نالي ۾ انتهاپسند جماعتون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ملڪ مان انتهاپسندي واري لهر کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ ۾ آئيني سڌارن جي سخت ضرورت آهي، 18ھين هين ترميم تي ان جي روح موجب عمل ڪيو وڃي، اسيمبلين ۾ سمورن طبقن ۽ مذهبي ٿورائي وارن ماڻهن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي. قومن کي خودمختياري ڏئي سندن سمورا حق ڏنا وڃن. اياز ميلو آرگنائيزنگ ڪميٽي جي اڳواڻ امر سنڌو آجياڻي جي تقرير ڪندي چيو ته اياز ميلو روايتي ميلو ناهي. هو هن صديء جو وڏو شاعر آهي. هن اپيل ڪئي ته اياز ميلي جي لاءِ بجيٽ ۾ گرانٽ رکي وڃي.
امن مخالف قوتن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ نه ڏنا: زاهد حسين
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ زاهد حسين جي ڪتاب "ڊائيلاگ وٿ هسٽري” تي ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر جاويد سومرو هو. ان موقعي تي نامياري دانشور، صحافي ۽ ڪتاب جي ليکڪ زاهد حسين چيو ته هن ڪتاب جو نالو ڊائيلاگ وٿ هسٽري ان ڪري رکيو آهي ته هن ڪتاب ۾ انهن ماڻهن جا انٽرويوز شامل آهن، جن جو ڪو نه ڪو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته 88ع جون چونڊون کٽي شهيد محترمه بينظير پهرين عورت وزيراعظم ٿي ته هڪ خوشي واري صورتحال پيدا ٿي، ڇو ته وڏي عرصي تائين ملڪ تي آمريت هئي، جنهن جو خاتمو ٿيو. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي حڪومت جي ڪجهه مهينن کانپوءِ سارڪ ڪانفرنس ٿي ته اتي راجيو گانڌي ۽ بينظير ڀٽو به موجود هئي ۽ ماڻهن ۾ اها اميد پيدا ٿي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳا بهتري طرف وڃن پيا پر ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ سٺا واسطا قائم نه ڪرڻ جي حامي قوتن جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته خان عبدالغفار خان کان ڪيل انٽرويو منهنجي لاءِ يادگار هو، خان عبدالغفار خان جي طبيعت به خراب هئي ۽ ان وقت سندس عمر 93 سال هئي. خان عبدالغفار خان جو انهن سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن اصولن جي بنياد تي سياست ڪئي. هن چيو ته هن ڪتاب ۾ جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان، رسول بخش پليجو، غوث بخش بزنجو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي کان ويندي ڪيترن ئي سياستدانن جا انٽرويو شامل آهن. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ملڪ جي تمام وڏي سياسي شخصيت هئي. ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته سارڪ ڪانفرنس ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد پيدا ٿيڻ کانپوءِ سارڪ ڪانفرنس خلاف پاڪستان ۾ واويلا شروع ٿي، جيڪا ان وقت جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي ڪرائي هئي، سارڪ ڪانفرنس کي شارڪ ڪانفرنس سڏيو ويو. هن چيو ته جي ايم سيد ۽ خان عبدالغفار خان 20ھين صديء جا وڏا سياستدان هئا، جي ايم سيد پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو پر غوث بخش بزنجو ۽ خان غفار خان جو پاڪستان بابت نقطه نظر مختلف هو ۽ هو پاڪستان جي حق ۾ نه هئا پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جي ايم سيد پاڪستان کان جدا ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. پر خان عبدالغفار خان ۽ غوث بخش بزنجو پاڪستان ۾ رهي پاڪستان کي سيڪيولر بنيادن تي هلائڻ جي ڳالهه ڪئي. جي ايم سيد تنگ نظر قومپرست نه هو، هو سياسي، قومي ۽ مذهبي لحاظ سان کليل ذهن جو مالڪ هو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان جو وڏو سياسي اڳواڻ هو. اسان کي اهو دور به ياد آهي ته جڏهن ڀٽو سان ذاتي اختلافن جي ڪري کاٻي ڌر جون ڪجهه ڌريون مذهبي ڌرين سان گڏ پي اين اي واري اتحاد ۾ شامل ٿيون پر ڪامريڊ ڄام ساقي اصولن جي بنياد تي مذهبي ڌرين سان گڏ ويهڻ کان انڪار ڪيو.
اياز ميلي ۾ 24 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ 24 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آھن، جتي شيخ اياز جي ڪتابن سميت مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيا ويا، جتي نوجوانن وڏي چاھ سان ڪتابن جي خريداري ڪئي. اياز ميلي ۾ سٽڪو پاران سنڌ ميوزم ۾ قائم ٿيل وليج ۾ سنڌ جي ھٿ ھنر دستڪاري جا اسٽال لڳايا ويا آھن، جتي سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ھٿ ھنر جي سگھڙ عورتن دستڪاري جا جوھر ڏيکاريا، وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن توڙي نوجوانن دستڪاري جي سينٽر جو دورو ڪيو.
ننڍڙي مهرالنساءُ شيخ اياز جي انقلابي شاعري ٻڌائي ماحول گرمائي ڇڏيو
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ننڍڙي مھرالنساء اسٽيج تي شيخ اياز جي انقلابي شاعري پڙھي ٻڌائي، جنھن کي ميلي ۾ موجود حاضرين تاڙيون وڄائي ڀرپور داد پيش ڪيو.
مانجهي فقير، رجب، سرندي نواز حسن ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو
حيدرآباد: ڏھين اياز ميلي ۾ محفل موسيقي ۾ سنڌ جي ناميارن راڳين سرن جي ورکا ڪئي. صوفي راڳي مانجھي فقير، رجب فقير، يڪتاري ۽ چپڙي تي تاج مستاني، وچن سنڌي، بھادر ابڙي، رضوان علي ۽ محمد حسن سرندي نواز زبردست فن جو مظاھرو ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو، حاضرين گيتن تي رقص ڪندي جمھريون ھڻندا رھيا.