پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ايپڪس ڪميٽي ڪرم ضلعي ۾ نجي بنڪرز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪرم ضلعي جي صورتحال تي خيبرپختونخوا ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، گهرو وزير محسن نقوي سميت ڪور ڪمانڊر پشاور، چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ لاڳاپيل ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ڪرم جي صورتحال تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ گرينڊ جرڳي بابت ٿيل اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس دوران گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪرم ۾ امن جي بحالي پهرين ترجيح آهي، صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو انگ وڌائڻ ۾ سپورٽ ڪنداسين.
ان موقعي تي ايپڪس ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ڪرم ضلعي ۾ سمورا بنڪرز ختم ڪيا ويندا جڏهن ته علائقي ۾ ماڻهن کان هٿيار واپس وٺڻ جي حوالي سان به ڳالهيون جاري آهي ته جيئن مستقبل ۾ اڻ وڻندڙ واقعن کان بچي سگهجي.
You might also like