ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 165 فٽ جي بلندي تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ يوگنڊا جي دوري دوران ” بنجي چمپنگ“ جو انوکو تجربو ڪيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ اڄڪلهه يوگنڊا ۾ موجود آهن جتي هو روايت کان هٽي ڪري مختلف تجربا ڪندي نظر اچي رهيو آهي ، جن ۾ نيل درياهه ۾ خطرناڪ بنجي جمپنگ ۽ رافٽنگ وغيرا شامل آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پنهنجي يوگنڊا جي دورن دوران بنجي جمپنگ جو تجربو ڪيو، جتي هن 165 فٽ جي اوچائيءَ تان ٽپو ڏنو ۽ ان لمحي کي پنهنجي آفيشل فيس بوڪ اڪائونٽ تي شيئر ڪيو.
هن تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو ته ” Jinga، يوگنڊا ۾ 165 فٽ کان وڌيڪ بلندي تان بنجي جمپنگ جو تجربو ڪيو.“
ان کانسواءِ، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پنهنجي ساٿين سان گڏ نيل درياهه ۾ رافٽنگ پڻ ڪئي ۽ نئين تجربي مان لطف اندوز ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.