”پاڪستان اهڙا ميزائل ٺاهي رهيو آهي جيڪي آمريڪا کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا“

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قومي سلامتي بابت نائب صلاحڪار جان فائنر چيو آهي ته پاڪستان اهڙا ميزائل ٺاهي رهيو آهي جيڪي ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر جي هدفن سميت آمريڪا کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ بيان ۾ آمريڪا جي قومي سلامتي بابت نائب صلاحڪار چيو ته ايٽمي هٿيارن سان ليس پاڪستان ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائل تيار ڪري رهيو آهي جيڪي ان کي ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر واري ٽارگيٽ سميت آمريڪا کي به نشانو بڻائڻ جي قابل بڻائي سگهن ٿا.
هن چيو ته پاڪستاني قدم ان جي بليسٽڪ ميزائل پروگرام جي مقصدن بابت سنجيدا سوال اُٿارن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.