نئين سال جي آجيان لاءِ واٽس ايپ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيا

واٽس ايپ نئين سال جي آجيان لاءِ خاص اسٽيڪرز، ويڊيو ڪالنگ ايفيڪٽس ۽ ري ايڪشنز متعارف ڪرايا آهن، اهي فيچرز محدود مدت لاءِ واهپيدارن کي دستياب هوندا
20 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين واهپيدارن کي خاص اسٽيڪرز، ويڊيو ايفڪٽس ۽ ري ايڪشنز تائين پهچ حاصل هوندي.
فيچرز مقصد نئين سال کي ڀليڪار چوڻ دوران چيٽس ۽ ويڊيو ڪالز کي بهتر بڻائڻ آهي
انهن مان هڪ فيچر نيوائير ڪالنگ ايفڪٽس جو آهي، جنهن جي ذريعي صارفين ويڊيو ڪالز دوران پنهنجي بيڪ گرائونڊ، فلٽرز ۽ ايفڪٽس کي نئين سال جي ٿيم موجب استعمال ڪري سگھندا.
اهڙي طرح، واٽس ايپ جي ايموجي ري ايڪشنز ۾ به دلچسپ تبديليون ٿي رهيون آهن.
واهپيدارن جڏهن پيغامن تي مختلف پارٽي ايموجيز ري ايڪشنز استعمال ڪندا ته هڪ ڪنفٽي اينيميشن ٻنهي پاسي نظر ايندي.
واٽس ايپ طرفان هڪ نيو ايئر اسٽيڪر پيڪ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته نئين سال جي مناسبت سان اواتار اسٽيڪرز پڻ دستياب هوندا.
نون فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ، اوهان کي پنهنجو واٽس ايپ اپڊيٽ ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ئي انهن تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.