ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون جي رٽائرمنٽ واري معاملي تي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
ايشون جو چوڻ اهي ته هن برسبين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روہت شرما جو چوڻ آهي ته ايشون پرٿ ۾ پهرين ٽيسٽ دوران ئي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي پاسي، ڀارتي اسپنر جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي اوچتو رٽائرمينٽ تي کيس پڻ جهٽڪو لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن خواهش هئي ته ايشون ڀارت لاءِ وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏي.
چنائي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايشون جي پيءُ چيو ته اوچتو رٽائرمينٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس تذليل ڪئي وئي هجي.
ايشون ٽيسٽ سيريز جي دوران ئي خميس تي پنهنجي اباڻي شهر چنائي واپس پهتو، جتي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو .
ڀارتي اسپرن برسبين ٽيسٽ ۾ به ٽيم جو حصو نه هو ۽ ميچ جي چوٿين ڏينهن هن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ڪرڪيٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن سندر کي پرٿ ٽيسٽ ۾ ايشون تي ترجيح ڏئي، سليڪٽرز اڻ سڌي طرح اِهو پيغام ڏنو هو مستقبل جي پلان جو حصو نه آهي.
رٽائرمينٽ تي تڪراري بيان
چنائي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، ايشون چيو ”مان ڊگهي عرصي کان رٽائرمينٽ بابت سوچي رهيو هيس، ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن مون محسوس ڪيو ته هاڻي اعلان کي ڪرڻ گهرجي.“
ان کان اڳ، اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو هو ته کيس اڱاري ڏينهن خبر پئي ته ايشون رٽائر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برسبين ٽيسٽ ميچ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان روهت شرما چيو ته کيس ٻڌايو ويو هو ته ايشون پرٿ ٽيسٽ ميچ دوران رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري چڪو هو.
ڀارت لاءِ 106 ٽيسٽ ميچن ۾ 537 وڪٽون حاصل ڪندڙ ايشون جو ڳاڻيٽو ڀارت جي پهرئين جوڙ جي اسپنرز ۾ ٿئي ٿو، هو انيل ڪمبلي، کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ڀارتي بالر آهي
ايشون جي رٽائرمينٽ ٻين سينيئر رانديگرن لاءِ به پيغام آهي
مشهوري ڀارتي ڪامينٽيٽر هارشا ڀوگلي چيو آهي ته ايشون کي رٽائرمينٽ جي اجازت ڏيڻ مان لڳي ٿو ته اِهو ٻين سينئر رانديگرن لاءِ پڻ هڪ پيغام آهي.
هن چيو ته لڳي ٿو ته سليڪٽرن هڪ معيار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.
واضح رهي ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي عمر 37 ۽ ويرات ڪوهلي 36 سال آهي، ۽ ٻنهي جي تازي فارم ۽ ڪارڪردگي تي مسلسل ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.