پ پ وفاقي حڪومت تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن صوبن سان ڪيل وفاقي حڪومت جي خاطرين تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ وفاقي حڪومت سان ٿيل ڳالهين جي روشني ۾ هنيئر تائين جي اڳڀرائي کان پارٽي چيئرمين کي آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پ پ چيئرمين کي حڪومت طرفان مستقبل ۾ ٿيندڙ قانونسازي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
پ پ اڳواڻن وفاقي حڪومت طرفان مختلف صوبن سان ڪيل خاطرين تي ٿيل اڳڀرائين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو.
پ پ چيئرمين اجلاس ۾ شامل اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته هو حڪومت سان پنهنجن رابطن کي وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ۾ انهن رابطن تي هاڪاري نتيجا سامهون رکي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.