جيڪو ڪو نه ڪري سگهيو محمد رضوان ڪري ڏيکاريو

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽي اُهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جيڪو اڄ تائين ڪو به پاڪستاني ڪپتان نه ڪري سگهيو هو.
خميس جي ڏينهن پاڪستان ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل 3 ميچن جي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 81 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
اهڙي ريت پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ان جي پنهنجي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏني، محمد رضوان ان فتح سان گڏ هڪ اهم اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو آهي.
محمد رضوان آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا کي سندن سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيندڙ پهريون پاڪستاني ڪپتان بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ نومبر ۾ محمد رضوان جي ڪپتاني ۾ پاڪستان 22 سال بعد آسٽريليا کي ان جي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ مات ڏني هئي.
رضوان آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ون ڊي سيريز کٽيندڙ واحد پاڪستاني ڪپتان آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيون ڀيرو ڏکڻ آفريڪا ۾ ون ڊي سيريز کٽي ايڪهين صديءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ 3 ڀيرا ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو آهي.
ان کان اڳ پاڪستان 2013 ۽ 2021 ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.