لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل 9 جي ڏهين ايڊيشن جي ڊرافٽ جي تقريب بلوچستان جي خوبصورت سامونڊي شهر گوادر ۾ ٿيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جو پليئر ڊرافٽ تقريب گوادر ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اِها تقريب ايندڙ سال 11 جنوري تي گوادر ۾ ٿيندي.
پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته گوادر جي سامونڊي پٽي پاڪستان لاءِ اسٽرٽيجڪ اهميت رکي ٿي ۽ اهو پاڪستان جي اقتصادي مستقبل جي علامت آهي.
هن چيو ته اسان هن شهر جي ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪرڪيٽ جي ذريعي قومي ايڪتا جو جشن ملهائڻ چاهيون ٿا.
پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو سلمان نصير موجب، گوادر کي پي ايس ايل پليئر ڊرافٽ جو ميزبان بڻائيندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏيکارڻ اسان جو عزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن جي ريليگيشَن ۽ ريٽينشن جو اعلان ڊسمبر جي آخر ۾ ڪيو ويندو.
پي سي بي 7 اپريل کان 20 مئي تائين پي ايس ايل 10 لاءِ ونڊو رکي آهي.
You might also like