سون اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا لاٿ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون جي قيمت ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 71 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 1 هزار 715 رپيا لاٿ بعد 2 لک 32 هزار 596 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 20 ڊالر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اڄ في اونس سون جي قيمت 2 هزار 601 ڊالر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.