پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ڪامياب آپريشن دوران فتنيٰ الخوارج جو انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، 17 ۽ 18 ڊسمبر جي وچ واري رات ٽانڪ ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪامياب آپريشن دوران انتهائي گهربل خارجي علي رحمان عرف مولانا طحهٰٰ سواتي مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامياب آپريشن دوران 7 دهشتگردي مارجي ويا ، جڏهن ته خارجي علي رحمان عرف مولانا طحهٰ سواتي فتنيٰ الخوارج جي اهم اڳواڻ مفتي فضل الله جو ويجهو ساٿي هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، علي رحمان عرف مولانا طحهٰٰ سواتي 2010 ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد سان ڀريل گاڏي ملي جيڪا دهشتگردي جي ڪنهن وڏي منصوبي لاءِ استعمال ٿيڻي هئي.
اتر وزيرستان ۽ مهمند ۾ به سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگردي مارجي ويا
وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
ضلع مهمند ۾ پڻ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.
آپريشنز ۾ مارجي ويل دهشتگرد فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ پڻ فتنيٰ الخوارج جا اهم اڳواڻ ڪامياب آپريشنن ۾ مارجي ويا آهن.
Prev Post
مدرسن جي رجشريشن وارو معاملو، وزيراعظم ۽ جي يو آءِ سربراهه جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
Next Post
You might also like