مدرسن جي رجشريشن وارو معاملو، وزيراعظم ۽ جي يو آءِ سربراهه جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا، اسپيڪر اياز صادق، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون واري وزير اعظم نظير تارڙ، سڌ سماءُ واري وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان شرڪت ڪئي.
ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان جي مدرسن جي رجسٽر بابت تجويزن تي هاڪاري اڳڀرائي پيشرفت ٿي آهي ۽ وزيراعظم مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم چيو ته قانون واري وزارت مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻي.
ٻئي پاسي وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن جي رجشريشن بابت بل تي وزيراعظم ملاقات لاءِ دعوت ڏني ۽ اسان پنهنجو مو قف ٻيهرورجايو.
هن چيو ته اسان واضح ڪيو ته ٻنهي ايوانن مان بل منظور ٿيڻ بعد اهو ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن صدر کي اعتراض ڪرڻو آهي ته هڪ اعتراض اڳ ۾ ٿي چڪو آهي جنهن جو جواب اسپيڪر ڏنو آهي، صدر جو ٻيو اعتراض آئيني طور تي ٺهي ئي نٿو.
هن چيو ته صدر اسپيڪر جي جواب تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو، ٻيو اعتراض آئيني مدو گذرڻ بعد موڪليو ويو جيڪو اڃا تائين اسپيڪر جي آفيس تائين ناهي پهتو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي موقف جو انتهائي هاڪاري جواب ڏنو ويو ۽ وزيراعظم قانون واري وزارت کي فوري طور تي هدايتون ڏنيون ته قانون ۽ آئين موجب عملي قدم کنيا وڃن، اميد آهي ته آئين ۽ قانون موجب عملي قدم اسان جي مطالبن مطابق هوندا.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چڱي نيت سان ڳالهه ڪئي، اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو، شايد هن معاملي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ضرورت نه پوي، اسان جي سڀني ڳالهين جو جواب هاڪاري آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.