ڊمپرن جي ٽڪرن سبب فوتگين جا واقعا، گورنر سنڌ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ ڊمپرن سبب شهري جي آئي ڏينهن فوتگين جي واقعن جو سختي سان نوٽيس وٺندي پاڻ ميدان ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هڪ ٻن ورهين جي ٻار کي ڊمپر چيڀاٽي ڇڏيو ، ڏينهن رات، ڪراچي جي روڊن تي ڊمپر ڊوڙندي نظر اچي رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن اِهو سلسلو نه روڪيو ته پوءِ اوهان کي هي گورنر ڊمپر جي آڏو نظر ايندو، ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.