گورنر جو ڊمپرن خلاف ميدان ۾ اچڻ جو اعلان، شرجيل ميمڻ جو بيان به اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منصوبن لاءِ مٽيريل ڊمپرس ۾ ئي ايندو آهي، ايئن نٿو ٿي سگھي ته سڄو ڏينهن ڪم بند رهي ۽ رڳو رات جو ڪم ٿئي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ منصوبن لاءِ بلڊنگ مٽيريل آڻڻ لاءِ ڊمپرن کي اجازت آهي، شهر ۾ جاري منصوبن لاءِ بلڊنگ مٽيريل ڊمپرن ۾ ئي اچي ٿو.
هن چيو ته ايئن نه ٿو ٿي سگهي تي سڄو ڏينهن ڪم بند رهي ۽ رات جو ئي ڪم ٿئي، ڊمپر ڊرائيور جي ذميواري آهي ته رفتار مقرر ڪن.
صوبائي وزيرچيو ته ڪراچي ۾ ڊمپرس کان وڌيڪ مسئلو ڊرائيورن جو آهي، بدقسمتي سان هتي لائسنس حاصل ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار سخت ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.