راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت 12 جوابدارن جي بريت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ 12 جوابدارن جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل فيصل چوڌري ۽ فيصل ملڪ ليگل ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا.
اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر ظهير شاهه بريت جي درخواست جي خلاف دليل ڏنا.
عدالت عمران خان، علي امين گنڊاپور، شاهه محمود قريشي، شبلي فراز، شهريار آفريدي، فواد چوڌري، ڪنول شوذب ۽ عمر تنوير بٽ جي بريت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ بريت جون درخواستون غير اثرائتيون ٿي ويون آهن.
ان کانسواءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت چئن جوابدرن جا دستاويز اڻپورا هئڻ سبب پرڏيهه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اڄڪلهه اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ نوَ مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ عمران خان مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like