ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سياري دوران برسات جو گهٽ امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب، ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون گُهلي رهيو آهن ۽ ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران اتر اوڀر کان 20 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن گُهلڻ جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پارو ڏهه کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي گرمي پد سنگل ڊيجٽ ۾ به وڃي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سياسي دوران برسات جو امڪان گهٽ آهي، هن واري سنڌ جي راڄڌاني ۾ موسم گهڻي قدر خشڪ رهندي جڏهن ته 24 ۽ 25 ڊسمبر تي به تيز هوائن جو امڪان آهي.
You might also like