پاڪستان خلاف ٻي ون ڊي ۾ شاندار بيٽنگ ڪندڙ ڪلاسِن تي ڏنڊ لاڳو

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي پاڪستان خلاف ٻي ون ڊي ۾ شاندار بيٽنگ ڪندڙ ڏکڻ آفريڪي بيٽر هنريڪ ڪلاسِن تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
خميس جي ڏينهن پاڪستان، ڪيپ ٽائون ۾ 3 ميچن جي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 81 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا جي دعوت تي پاڪستان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورز ۾ 329 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان بابر اعظم 73، ڪپتان محمد رضوان 80 ۽ ڪمراڻ غلام 63 رنسن سان نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان 330 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 248 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پروٽيز طرفان هنريڪ ڪلاسِن 74 بالن تي 97 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
ڪلاسِن جيئن ئي نسيم شاهه جي بال تي ڇڪي جي ڪوشش ۾ آئوٽ ٿيو ته هن ڪاوڙ ۾ اچي اسٽمپ کي لت وهائي ڪڍي جنهن ڪري مٿس آءِ سي سي طرفان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
آءِ سي سي موجب، ڪلاسِن تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ڪلاسِن کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي، هن آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.