هڪ اداڪار وڏي عمر جو چئي فلم مان نيڪالي ڏياري: سوناڪشي سنها جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ اداڪار کيس وڏي عمر جو چوندي ساڻس گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ بيان۾ سوناڪشي اداڪار جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ”مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ڇو جو مون کي اهڙن اداڪارن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو، ۽ مان اهڙن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکان.“
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اهو اداڪار رنبير ڪپور ٿي سگهي ٿو، جنهن سوناڪشي کي عمر جي لحاظ سان وڏي هئڻ جو جواز ڄاڻائي هڪ رومانوي ڪاميڊي فلم ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.