گهوٽڪي ( رپورٽ : شيراز مھر) چيف جسٽس آف پاڪستان يحي خان آفريدي جي گهوٽڪي آمد جي موقعي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا وارث ۽ معصوم ٻچڙا شهيد جي خون سان انصاف لاءِ چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي باءِ پاس تي لٻاڻا هوٽل وٽ پهتا ته کين پوليس روڪي ورتو، شهيد نصرالله جي وارثن ۽ معصوم ٻچڙن کي روڪڻ بعد هنن قومي شاهراھه تي احتجاج ڪندي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي معصوم ٻارڙن محمد ارسلان، محمد شايان، معصوم نياڻي سنڌو نصرالله گڏاڻي ۽ زين العابدين پنهنجي شهيد والد نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف لاءِ هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاج ڪيو ۽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي معصوم ٻارڙن ۽ شهيد جي وارثن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ اسان کي انصاف ناهي مليو قاتل بااثر هئڻ سبب آزاد آهن اسان کي چيف جسٽس سان ملڻ به نه ڏنو ويو، اسان چيف جسٽس آڏو انصاف لاءِ ساڻس ملڻ وڃي رهيا هئاسين ته پوليس روڪي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.